آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو نٿا روڪي سگهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر
( ويب ڊيسڪ ) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف لاهور ۾ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جو دورو ڪيو جتي يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ شاگردن سندس جو شاندار استقبال ڪيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف آپريشن بنيان المرصوص ۾ پاڪ فوج جي حڪمت عملي ۽ ڪاميابي تي روشني وڌي، جنهن تي شاگردن اهم ۽ تاريخي فتح تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو.
شاگردن سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته عوام جي حمايت ۽ خاص طور تي نوجوانن جو ڪردار، تاريخي جدوجهد ۾ شاندار رهيو، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ رهندي.
