بنگلاديش ٻين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 8 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي
( ويب ڊيسڪ ) شير بنگلا گرائونڊ تي کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم 134 رنسن جي هدف جي جواب ۾ 126 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان فهيم اشرف 51 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي، ست پاڪستاني رانديگر ڊبل فگر به پار نه ڪري سگهيا.
بنگلاديش جي شريف الاسلام ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته مهدي ۽ تنزيم ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.
ٻين ٽي ٽوئنٽي ۾ قومي ٽيم ٽاس کٽي بنگلاديش خلاف بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ميزبان ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 133 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان جي احمد دانيال ۽ سلمان مرزا ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته بنگلاديشي رانديگر جاڪر علي 55 رنسن جي اننگز کيڏي.
قومي ٽيم کي لڳاتار ٻين شڪست بعد بنگلاديش سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي
