سلمان، نه شاهه رخ، نه اميتاڀ: اهو ڪهڙو اداڪار آهي جنهن هڪ سال اندر 36 فلمون ٺاهي رڪارڊ بڻايو….؟

410236_9357919_updates (1)

(ويب ڊيسڪ ) هندستان ۾ هڪ اهڙو اداڪار به آهي جنهن هڪ سال ۾ 36 فلمن ۾ ڪم ڪري رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو آهي

بالي ووڊ ۾اڪشي ڪمار کي سڀ کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار طور سمجهيو ويندو آهي، پر اڪشي ڪمار هڪ سال ۾ 5 کان 6 فلمن ۾ ڪم ڪندي نظر ايندو آهي.

عامر خان جهڙو مسٽر پرفيڪشنسٽ سالن بعد هڪ فلم مڪمل ڪندو آهي.

پر هندستان ۾ هڪ اهڙو سپر اسٽار به آهي جنهن هڪ سال ۾ 36 فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو رڪارڊ ٺاهيو آهي. ان سپر اسٽار 1983 ۾ 36 فلمن ۾ ڪم ڪيو، ان بعد 1984 ۾ 34، 1985 ۾ 28، ۽ 1986 ۾ 35 ٺاهيون.

هي اهڙو رڪارڊ آهي جيڪو اڃا تائين ڪو به نه ٽوڙي سگهيو آهي۽ نه ئي ڪو ان جي ويجهو پهتو آهي.

اهي سڀئي منفرد رڪارڊ 73 سالن جي سپر اسٽار مموتي جا آهن، جيڪو پنهنجي شاندار اداڪاري لاءِ مشهور آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *