نوابشاهه: خانگي جيل تي جج ارشاد خاصخيلي جو ڇاپو باندي بڻايل نوجوان آزاد

IMG-20250723-WA0045.jpg

نوابشاهه ( رپورٽر ) متاثر سعيد خان مگسي وڪيل گلزار علي عالماڻي جي معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جنھن تي 15 تاريخ جج نجي جاءِ تي ڇاپو ھنيو جتان ٻن مھينن کان باندي بڻايل نوجوان عبدالرسول مگسي بازياب ڪرايو ويو ۽ جج باندي بڻائيندڙ جوابدارن ۽ حد جي ذميوار پوليس آفيسر کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو.

ان سلسلو ۾ ايڊووڪيٽ گلزار عالماڻي ٻڌايو ته فريادي سعيد خان مگسي جي درخواست داخل ڪرائي ھئي جنھن ۾ فريادي ڄاڻايو ھو ته اسان پورھيو ڪندڙ آھيون ۽ اسان پنھنجو حق گھريو ته اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ گھر ڀاتين کي تنگ ڪيو ويو ۽ گھر مان قيمتي سامان کنيو ويو ۽ نوجوان پٽ عبدالرسول مگسي کي کنڀي ڳوٺ مير صاحب خان جمالي ۾ نجي جيل اندر باندي بڻايو جنھن پورھيو پڻ ڪرايو ويو.

منھنجو پٽ عبدالرسول مگسي ڳوٺ مير صاحب خان جمالي جي رھواسين جوابدار عطا محمد، سجاول، امان الله ۽ امجد جمالي وٽ ٻن مھينن کان قيد ھو ۽ ھن کي مارڪٽ ڪري پورھيو پڻ ڪرائيندا ھئا، اسان جي اھڙي درخواست داخل تي جج ڇاپو ھنيو.

جڏھن ته ايڊيشنل سيشن جج نوابشاهه عبدالوحيد کوسو ملوث سمورن جوابدارن تي ايس ايڇ او کڏھر کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *