ملڪ ۾ مون سون برساتن تباهي مچائي ڇڏي، فوتين جو انگ وڌي 245 ٿي ويو

22091105858650f

( ويب ڊيسڪ ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب ملڪ ۾ برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 245 ماڻهو فوت ۽ 602 زخمي ٿيا.

رپورٽ موجب 26 جون کان وٺي پنجاب ۾ 135 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 470 زخمي ٿيا آهن، خيبر پختونخوا ۾ 59 ماڻهو فوت ٿيا ۽ 73 زخمي ٿيا آهن، سنڌ ۾ 24 ماڻهو فوت جڏهن ته 40 زخمي ٿيا آهن، بلوچستان ۾ 16 ماڻهو فوت ۽ 4 زخمي ٿيا آهن.

اسلام آباد ۾ 6، گلگت بلتستان ۾ 3 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيا. برساتن سبب 854 گهر پڻ ڊهي پيا آهن. موسميات کاتي گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا لاءِ گليشيئر ڦاٽڻ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو الرٽ جاري ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *