ميرپورماٿيلو: علي آباد ۾ پ پ ايم اين اي جي سئوٽ نظير احمد خان لنڊ جي جنازا نماز ادا

IMG-20250723-WA0052.jpg

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) پ پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ جي سئوٽ اڳوڻي تعلقي ناظم نظير احمد خان لنڊ جي جنازه نماز علي آباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازه نماز ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت

جنازه نماز ۾ پ پ ايم اين اي خالد مير خالد احمد خان لنڊ، مير بابر علي خان لنڊ،  فياض علي خان، ايم پي اي نادر اڪمل لغاري، قيصر خان بوزدار، باري پتافي،  حاجي خان مھر، شھريار شر، لاھار خان پتافي، مير نور محمد خان لنڊ، مير شهباز خان لنڊ، افتخار احمد لنڊ، عبدالرزاق گبول ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ھوڏانھن سوڳ ۾ جروار ۽ يارولنڊ سميت ننڍا وڏا شھر بند ٿي ويا آهن، مرحوم نظير احمد خان لنڊ کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته تڏو علي آباد ۾ وڇايو ويو آهي، ياد رهي ته مرحوم نظير احمد خان لنڊ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو هو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *