خيرپور: پوليس جون سماج دشمنن خلاف ڪاروائيون جاري، 4 جوابدار سوگها
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پوليس جون منشيات فروشن ۽ غير قانوني طور هٿيار رکندڙن خلاف ڪاروائيون جاري آهن، چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، مٿن ڪيس داخل
پوليس پڌرائي موجب ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جي حڪمن تي عمل ڪندي راڻيپور، اڳڙا، ٺري ميرواهه ۽ گمبٽ ٿاڻن جي پوليس ڪاروائيون ڪيون آهن
پوليس ٽيمن گشت دوران ۽ ڳجھا اطلاع ملڻ بعد ڪاروائيون ڪري چئن جوابدارن سبحان خاصخيلي، غلام حسين عرف گامون گوپانگ، جنيد دستي ۽ غلام فريد ڪٻر کي گرفتار ڪيو آهي،
پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس، شراب جون بوتلون، هڪ پسٽل ۽ گوليون برآمد ڪيون ويون مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا
