خيرپور: ڪچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، جتوئي برادري جو چڱو مڙس قتل
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) الرا برادري جي هٿياربندن هلندڙ تڪرار جي سلسلي ۾ جتوئي برادري تي مبينا طور حملو ڪري علائقي جي معزز ۽ چڱي مڙس گلاب پٽ عبدالله جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي
جوابدارن پاران حملو ڪچي واري علائقي فيض محمد ٻنڊو وٽ ڪيو ويو، واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ جي لهر ڇانيل آهي.
ياد رهي ته ڄاڻايل تڪرار ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي. الرا برادري جا 2 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. جتوئي برادري جا 2 ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ تازو قتل ٿيل گلاب جتوئي پڻ شامل آهي.
واقعي جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي
