آءِ سي سي پاران ٽي 20 رينڪنگ جاري، بابر ۽ رضوان هڪ هڪ درجو پوئتي
( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ پهرين نمبر تي برقرار، جڏهن ته هندستان جو يشوي جيسوال هڪ درجو ترقي ڪري نائين نمبر تي پهچي ويو.
ويسٽ انڊيز جو شائي هوپ 4 درجا ترقي ڪري ڏهين نمبر تي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو بابر اعظم هڪ درجو پوئتي ٿي 13 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
محمد رضوان به هڪ درجو پوئتي ٿي 14 هين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته بنگلاديش جو تنزيد حسن 18 درجا ترقي ڪري 37 هين نمبر تي اچي ويو.
ٽي ٽوئنٽي بالنگ رينڪنگ ۾ نيوزي لينڊ جي جيڪب ڊفي جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته بنگلاديش جو مستفيض الرحمان 17 درجا ترقي ڪري 9 نمبر تي پهچي ويو آهي.
ڀارت جو ارشديپ سنگهه هڪ درجو ترقي ڪري 10 هين نمبر تي پهچي ويو، جڏهن ته بنگلاديش جو مهدي حسن 9 درجا ترقي ڪري 16 هين نمبر تي پهچي ويو.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊر رينڪنگ ۾ ڀارت جي هاردڪ پانڊيا جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي روسٽن چيس 7 درجا ترقي ڪري ٻئين نمبر تي اچي ويو.
