شڪارپور: نيو فوجداري پوليس جي ڪامياب ڪاروائي، ڪائنات مگسي قتل ڪيس جو مک جوابدار سوگھو

IMG-20250722-WA0018.jpg

شڪارپور (رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو) نيو فوجداري ٿاڻي جي ايس ايڇ او اختر ابڙو ڪاروائي ڪندي ڪائنات مگسي قتل ڪيس ۾ گھربل مک جوابدار نادر معرفاڻي کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس موجب ڪجهه مهينا اڳ مگسي محلا ۾ ڪائنات مگسي کي بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو هو، جنهن بعد جوابدار روپوش هو.

پوليس کي ڳجھي اطلاع ملي ته جوابدار نادر معرفاڻي سکر ۾ لڪل آهي، جنهن تي ايس ايڇ او اختر ابڙو پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪندي کيس گرفتار ڪيو

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جاچ لاءِ نيو فوجداري منتقل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *