طوفاني برساتن جون تباهڪاريون، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ، درجنين گهر ڊهي پيا، گاڏيون ۽ پل ٻڏل، 13 فوت

11-6

( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ تيز برساتن سبب هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ڊي ايڇ اي راولپنڊي ۾ پيءَ ۽ ڌيءَ برساتي نالي ۾ لڙهي ويا جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري

راولپنڊي ۾ برساتن سبب گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، ۽ سوان ندي جي پاڻي ۾ اضافي سبب ڪاڪ پل تي به پاڻي جمع ٿي ويو. نالا لائي ۾ پاڻي جي سطح بلند هئڻ سبب رين ايمرجنسي لڳائي وئي، واسا ۽ ٻين ادارن کي هاءِ الرٽ.

گلگت بلتستان ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سان تباهي مچي وئي، بابوسر ٽاپ جي ويجهو سخت لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ گاڏيون ۽ پل ٻوڙي ڇڏيا، مواصلاتي رستا ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويا، گلگت ۾ ڪيترائي سياح گم آهن، ضلعي انتظاميا ديامر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي.

بلوچستان حڪومت ترجمان جو چوڻ آهي ته هڪ اسڪول، 2 هوٽل، هڪ پوليس پوسٽ، هڪ پوليس شيلٽر، بابوسر هاءِ وي سان ملندڙ 50 کان وڌيڪ گهر ۽ بابوسر هاءِ وي تي 4 مواصلاتي پل ٻڏي ويا

ٻئي طرف پاڪستان آرمي بابوسر هاءِ وي ۽ قراقرم هاءِ وي تي ڦاٿل سياحن کي هيلي ڪاپٽر ذريعي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *