نيوسعيدآباد: هڪ هفتو اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل هڪ ڄڻو فوت

WhatsApp Image 2025-07-22 at 18.56.16_a6cca5e5

نيوسعيدآباد ( محبوب ڪاڪا ) نيوسعيدآباد مھراڻ ھاءِ وي تي ھڪ ھفتو اڳ موٽرسائيڪلن جي آمھون سامھون ٽڪر سبب زخمي ٿيل مولا بخش پٽ خير محمد کوسو لمس حيدرآباد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو،

مھراڻ ھاءِ وي تي پير سي اين جي وٽ ھڪ ھفتو اڳ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن جي آمھون سامھون ٽڪر جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ھئا، زخمين ۾ اويس ڪاڪا، سليم ڪاڪا ۽ مولا بخش کوسو ويٺل ڳوٺ زخمي ٿي پيا هئا زخمين مان مولا بخش پٽ خير محمد کوسو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو آهي، فوتي جو مڙهه نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ ميان بخش کوسو آندو پيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *