بابوسر ٽاپ تي ڪلائوڊ برسٽ سبب حالتون خراب، روڊ ۽ مواصلاتي نظام تباهه، سياحن جي ڳولا جاري

410190_258285_updates

( ويب ڊيسڪ ) بابو سر ٽاپ تي ٻوڏ سبب ڪيترائي سياح گم ٿي ويا آهن جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن ڪيو پيو وڃي

ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ديامر عطا الرحمان چيو ته بابوسر لڳ هڪ پوائنٽ تي ڪلائوڊ برسٽ سبب بابوسر روڊ لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته روڊ جو 7 کان 8 ڪلوميٽر حصو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي.

ڊي سي موجب ٽن ماڻهن جا لاش هٿ آيا آهن هڪ پيرسن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوسٽرن سميت 10 کان 15 گاڏيون ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون آهن.

ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته قدرتي آفت سبب بجلي ۽ فائبر آپٽڪ انٽرنيٽ کي پڻ نقصان پهتو آهي، جنهن ڪري رابطي ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مشينري پهچائي پئي وڃي. ناران کان بابوسر روڊ کي کولڻ جي به ڪوشش ڪئي جاري آهي

ڊپٽي ڪمشنر شهرين کي هدايت ڪئي ته مري جو غير ضروري سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ دريائن ۽ ڊيمن ۾ وهنجڻ کان مڪمل طور تي احتياط ڪن.

هوڏانهن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *