ڊرامه سيريل ڪورولس عثمان جي مک ڪردار براڪ اوزچيويت پاران سيريز کي الوداع
( ويب ڊيسڪ ) مشهور تاريخي ترڪي ڊرامي ڪورولس عثمان ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ براڪ اوزچيويت ڊرامه سيريل کي الوداع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
رپورٽ موجب براڪ اوزچيويت پاران ڊرامه سيريل ڪورولس عثمان جي پروڊيوسر مهمت بوزداغ سان معاوضي جي تڪرار سبب ڊرامه سيريل کي الوداع ڪيو
ترڪي ميڊيا موجب، براڪ اوزچيويت پاران نئين سيزن ۾ هر قسط لاءِ 40 لک ترڪي ليرا جو مطالبو ڪيو هو، جنهن ڪري ڊرامه سيريل ڪورولس عثمان جي پروڊڪشن ٽيم ۽ اداڪار براڪ اوزچيويت ۾ اختلاف پيدا ٿيا،
رپورٽن موجب، ايندڙ سيزن ۾ هڪ پيرسن عثمان بي کي ڏيکاريو ويندو جنهن بعد ڪهاڻي سندس پٽ اورهان بي جي زندگي ڏانهن هلي ويندي. اورهان بي جي ڪردار لاءِ اداڪار جو اڃا تائين اعلان ناهي ٿي سگهيو
براڪ اوزچيويت ترڪي جو سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار آهي جنهن ڊرامه سيريل ڪورولس عثمان ۾ عثماني سلطنت جي باني جو ڪردار ادا ڪيو
