کينجهو ۾ ڳوٺاڻي جو سماجي تنظيم جي نمائندي خلاف احتجاج
کينجهو ( رپورٽ: عبدالغفار شر ) ڳوٺ محمد خان شر جي رهواسي نواب شر سماجي تنظيم هينڊس جي نمائندي خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته هينڊس جو نمائندو 2022 جي ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ سرڪار پاران موڪليل گهرن جي قسط مان رشوت طلب ڪري رهيو آهي
هن الزام لڳائيندي چيو ته متاثرن کي قسط ڏيڻ لاءِ پئسا گهريا پيا وڃن، جيڪا وڏي ناانصافي آهي، نواب شر مطالبو ڪيو ته سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل اختياريون هن معاملي جو نوٽيس وٺن
