خيرپور: مقتول منصور ميراڻي جي قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف احتجاج
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ ڏيڍ مهينو اڳ قتل ٿيل منصور ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عورتن مردن ٻارن پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو
مظاهري جي اڳواڻي خان محمد ميراڻي، اعجاز شاهه، مسمات شما، مسمات فوزيه، مسمات ناديا ۽ ٻين ڪئي، سندن چوڻ هو ته ڏيڍ مهينو اڳ جوابدارن رحمان شاهه، اشفاق شاهه اسان جي نوجوان منصور ميراڻي کي بيگناهه ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو هيو پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو جيڪا وڏي زيادتي آهي
