بنگلاديش پهرين ٽي 20 ۾ پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ پهريون ٽي 20 ميچ بنگلاديش جي گادي واري هنڌ ڍاڪا ۾ کيڏيو ويو. بنگلاديش ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
پهرين بيٽنگ ڪندي قومي ٽيم 110 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، جواب ۾ بنگلاديش شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 15.3 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي ميچ پنهنجي نالي ڪيو.
بنگلاديش جي پرويز حسين 56 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي، پاڪستان جي سلمان مرزا 2 ۽ عباس آفريدي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻيون ٽي 20 سڀاڻي کي 22 جولاءِ تي کيڏيو ويندو
