خيرپور: کجين جي واڍي تان کورکاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 3 ڄڻا قتل

WhatsApp Image 2025-07-21 at 10.03.58_1fe23032

خيرپور (رپورٽ: زبير سومرو ) وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد کورکاڻي ۾ کجين جي واڍيءَ تان کورکاڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو

جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڌر جا ٻه ڄڻا آندل کورکاڻي ۽ محمد رمضان کورکاڻي مارجي ويا جڏهن ته ٻي ڌر جو محمد علي کورکاڻي گوليون لڳڻ سبب پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو

واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ حد جي پوليس مقتولن جا لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور ڪيا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *