ٺٽو: ميلوحا آرٽ سرڪل پاران ضلعي جي باڊي چونڊي وئي
ٺٽو ( رپورٽر ) ميلوحا آرٽ سرڪل جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري فرزند ملڪ کجو جوائنٽ سيڪريٽري منور جوڻيجو جي نگراني ۾ ضلع ٺٽي جي باڊي چونڊي وئي جنھن ۾ صدر قادر جاکرو، جنرل سيڪيرٽري عرس ناريجو، سينئر نائب صدر، يعقوب ڪلهوڙو، نائب صدر غلام حسين، جوائنٽ سيڪريٽري عبدلله چانڊيو، پريس سيڪريٽري اڪبر زنگيجو. انفارميشن سيڪريٽري غلام پالاري، فنانس سيڪريٽري ذوالفقار عيسيٰ، آفيس سيڪريٽري منظور جاکرو چونڊيا ويا، جڏهن ته
ميمبرن ۾ راجا رشيد، نياز خشڪ، سائين بخش چانڊيو، يوسف ميراڻي، راجا رزاق ملاح، عثمان ملاح چونڊجي آيا آهن
ميلوحا آرٽ سرڪل جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري فرزند ملڪ کجو سمورن چونڊجي آيل عھديدارن کي مبارڪ باد پيش ڪئي وئي
