سعودي شهزادو وليد بن خالد بن طلال 20 سال ڪوما ۾ رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو
( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جو “سليپنگ پرنس” وليد بن خالد بن طلال 20 سالن تائين ڪوما ۾ رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.
سعودي ميڊيا رپورٽن موجب شهزادي خالد بن طلال پنهنجي پٽ شهزادي وليد بن خالد بن طلال جي وفات جو اعلان ڪيو آهي. وليد بن خالد بن طلال جنهن کي سمهڻ وارو پرنس به چيو ويندو آهي، 2005 ۾ لنڊن ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ ڪوما ۾ هليو ويو هو.
شهزادي خالد بن طلال انهن 20 سالن دوران پنهنجي پٽ جي زندگي لاءِ اميد برقرار رکي. ڪڏهن ڪڏهن، شهزادي وليد جي جسم جي ڪجهه حصن ۾ معمولي حرڪتون رڪارڊ ڪيون ويون، پر هو ڪڏهن به مڪمل هوش ۾ نه آيو.
شهزادي وليد جي جنازي نماز اڄ عصر جي نماز بعد رياض جي امام ترڪي بن عبدالله مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي.
