پاڪستان اسپورٽس بورڊ پاران انڊر 6 والي بال چيمپيئن ٽيم لاءِ 82 لک رپيا انعام جو اعلان
( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ترجمان موجب هر رانديگر کي 600,000 رپيا ڏنا ويندا ۽ 12 رڪني اسڪواڊ کي تاريخي فتح لاءِ ڪل 72 لکي رپيا نقد انعام ۾ ڏنا ويندا.
ترجمان موجب هي پاليسي ٽيم جي انعام جو 50 سيڪڙو ڪوچنگ اسٽاف لاءِ مختص ڪري ٿي، ان ڪري ڪوچنگ اسٽاف کي 10 لک رپيا ڏنا ويندا.
ياد رهي ته پاڪستان هڪ دلچسپ مقابلي بعد فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن ايران کي 2-3 تان شڪست ڏئي ٽرافي کٽي ورتي.
