شڪارپور: شهيد اهلڪار مير محمد ميمڻ جي وارثن سان سردار جاڳڻ ڀيو جي تعزيت
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) خانپور لڳ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٿيل مقابلي دوران شهيد ٿيل پوليس اهلڪار مير محمد ميمڻ جي وارثن سان تعزيت لاءِ چيف سردار جاڳڻ خان ڀيو پهتو،
هن شهيد جي وارثن سان دلي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي قرباني کي ڀيٽا پيش ڪئي.
چيف سردار جاڳڻ خان ڀيو ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور ضلعي اندر بدامني عروج تي پهتل آهي، پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي
