اڄ سنڌ، ڏکڻ پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات جو امڪان
( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ به اڄ کان سومر تائين وچولي برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب، موجوده برساتي سسٽم ڏکڻ پنجاب ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن تحت ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ وچولي ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
هڪ ٻيو مضبوط برساتي سسٽم آچر کان ملڪ ۾ داخل ٿيندو. ايندڙ برساتي سسٽم تحت اسلام آباد، خيبر پختونخواهه، پنجاب، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي 20 کان 25 جولاءِ تائين پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي 18 ضلعن ۾ برسات جو الرٽ جاري ڪيو آهي.
