پاڪستان – بنگلاديش ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي 20 سيريز لاءِ ٽرافي جي رونمائي
( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽئي ٽي 20 ميچ ڍاڪا جي شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا.
پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا ۽ بنگلاديش جي ڪپتان لٽن داس ٽرافي جي رونمائي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ڪپتانن ٽرافي سان گڏ تصويرون ڪڍرايون ۽ هڪ ٻئي سان هٿ ملايو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي 20 سيريز جو پهريون ميچ سڀاڻي کيڏيو ويندو.
