مون سون جي برساتن جو چوٿون سلسلو سڀاڻي کان شروع ٿيندو: پي ڊي ايم اي

hq720

( ويب ڊيسڪ ) پي ڊي ايم اي ترجمان موجب 20 کان 25 جولاءِ تائين پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي

راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، منڊي بهاءُ الدين، حافظ آباد، گجرات، جهلم، گوجرانوالا، لاهور، فيصل آباد، سيالڪوٽ، نارووال، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، جهنگ، سرگوڌا، ميانوالي، ڊيرا غازي خان ۽ بهاولپور ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

پي ڊي ايم اي پنجاب جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي هدايتن تي سڄي صوبي ۾ لڳاپايل انتظاميا کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. مون سون جي برساتن سبب پنجاب جي دريائن ۽ ندين ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافي جو امڪان آهي.

هن سال مون سون جي برساتن دوران مختلف حادثن ۾ 123 ڄڻا فوت، 462 زخمي ۽ 150 عمارتن کي نقصان پهتو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *