گڊو شهر مان هٿياربندن هٿان نوجوان اغوا، هٿياربندن جو مغوي جي والد تي تشدد، واقعي خلاف ڌرڻو

IMG-20250719-WA0108.jpg

ڪشمور ( نمائنده خصوصي: اقرار گل فراس ) گڊو جي دشتي محلي مان نامعلوم هٿياربند نوجوان کي هارڊويئر جي دڪان تان اغوا ڪري ويا، مزاحمت تي نوجوان جي والد کي وحشيانه تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن بعد کيس نازڪ حالت ۾ گڊو جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واردات خلاف پٺاڻ برادري ۽ شهرين پاران گڊو روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويو، جتي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، شهر مان ٻارن ۽ نوجوانن جي اغوا جا واقعا لڳاتار ٿي رهيا آهن، هي چوٿون واقعو آهي، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

شهري مطالبو ڪري رهيا آهن ته اغوا ٿيل نوجوان کي جلد بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. واقعي کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، پر مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس جو رڳو اچڻ ڪافي ناهي، عمل جي ضرورت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *