غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد
( ويب ڊيسڪ ) غزه ۾ اسرائيلي فوج جون وحشياڻيون ڪاروايون جاري آهن، وڌيڪ 40 شهيد ٿي ويا آهن، هوڏانهن آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا، قطر ۽ مصر غزه ۾ جنگ بندي لاءِ نيون تجويزون پيش ڪيون آهن، جڏهن ته قطر ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ناهي ٿي.
حماس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان اسرائيل سان ڊگهي جنگ لاءِ تيار آهيون، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن موجوده جنگ بندي ڳالهين ۾ ڪو به معاهدو نه ٿيو ته اهي مستقبل ۾ عبوري جنگ بندي تي راضي نه ٿيندا.
