اداڪاره حميرا اصغر جي ڪيس ۾اڳڀرائي، موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ مان ڊيٽا حاصل
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڊفينس فيز 6 جي علائقي مان هڪ فليٽ ۾ مرده حالت ۾ هٿ آيل اداڪاره حميرا اصغر جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
پوليس اداڪاره حميرا اصغر پاران استعمال ٿيندڙ ٽي موبائل فون، هڪ ٽيبليٽ ۽ هڪ ليپ ٽاپ شامل آهن، ۽ انهن مان حاصل ڪيل ڊيٽا جو تجزيو شروع ڪري ڇڏيو آهي.
انهن سڀني ڊوائيسز جا پاسورڊ اداڪاره جي ذاتي ڊائري ۾ لکيل هئا. جن جي مدد سان گيجٽ کوليا ويا.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس سان لاڳاپيل 2 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته 2 وڌيڪ ماڻهن کي جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.
