مورو: ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ ڀلوڙ راڳي سوڍل فقير لغاري جي پهرين ورسي ملهائي وئي
مورو ( رپورٽر ) ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ سنڌ جي نامياري راڳي سوڍل فقير لغاري جي پهرين ورسي جي موقعي تي مرحوم سوڍل فقير لغاري جي آخري آرامگاهه تي سنڌ جي نالي واري صوفي راڳي فقير امير بخش مڱڻيجو، ارشد رانجهاڻي، مرڪزي رابطا سيڪريٽري سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سڌير ميرالي، آزاد لغاري، صحافي وحيد رزاق مستوئي، درشن لغاري ۽ ٻين حاضري گلن جي چادر چاڙھي فاتهه خواني ڪئي،
ان موقعي تي فنڪارن ويچار وينڊيندي چيو ته سوڍل فقير لغاري کي خدا جي طرفان ھڪ ڏات مليل ھئي جنھن جو آواز ڪوئل کان وڌيڪ مٺو ھو جنھن پوري دنيا ۾ پنھنجا مراد پيدا ڪيا، پر افسوس ان ڳالهه جو آھي جو سوڍل فقير کي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ صفا وساري ڇڏيو آهي جنهن جي ياد ۾ سال گذري وڃڻ باوجود ڪو پروگرام نه ڪيو
ھنن چيو ته سوڍل فقير لغاري تمام وڏو ويراڳي ھو جنھن کي صوفي راڳي جو بادشاهه چئي سگھجي ٿو ھن جي وڇوڙي سان فن موسيقي خصوصن صوفي راڳ ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏھن به ڀرجي نٿو سگهجي
