رتوديرو: وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين جو پوليس تي حملو هڪ اهلڪار شهيد
رتوديرو ( رپورٽ: احسان بوزدار ) شير محمد بروهي لاڙي وٽ سنيپ چيڪنگ دوران موٽرسائيڪل کي هٿ ڏيڻ بعد موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پوليس موبائل مٿان فائرنگ ڪئي، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس موبائل ڊرائيور منير احمد سومرو شهيد ٿي ويو آهي، شهيد پوليس اهلڪار جو لاش تعلقه اسپتال آندو ويو
