مون سون برساتن جي چوٿين لهر 21 جولاءِ کان شروع ٿيندي، سموري سنڌ ۾ اڄ کان برساتن جي اڳڪٿي

66ac529d76628

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) مون سون جي برساتن جي چوٿين لهر 21 جولاءِ تي شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.محڪمه موسميات پاران سنڌ صوبي اندر اڄ کان برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي

محمڪه موسميات موجب سنڌ اندر سکر، لاڙڪاڻو، دادو، گهوٽڪي، نوشهروفيروز عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، بدين، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ميهڙ، سميت مختلف شهرن ۾ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي

موسميات کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ برساتن جي شروعات اڄ کان دادو ضلعي مان ٿيندي، برساتن بعد هيٺاهين وارن علائقن کي ٻڏڻ جو خطرو ظاهر  ڪيو ويو آهي جڏهن ته لاڳاپيل اختيارين کي الرٽ جي هدايت ڪئي وئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *