کينجهو ڀرسان سيهڙ واهه ۾ وهنجندي 8 ورهين جو نينگر ٻڏي فوت

IMG-20250718-WA0155.jpg

کينجهو ( رپورٽ: عبدالغفار شر ) ڳوٺ سونارو شر ۾ 8ورهين جو عبدالرزاق شر پٽ هاشم سيهڙ واهه ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، اهڙي اطلاع تي سوين ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهتا ۽ پنھنجي مدد پاڻ تحت نينگر جو مڙهه ڳولا بعد هٿ ڪري ورتو

لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو، عبدالرزاق جي ماءُ سميت وارثن کي بيهوش جا دورا پوڻ لڳا جڏهن ته ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *