جوڊيشل ڪميشن، اسلام آباد، سنڌ، بلوچستان ۽ پشاور هاءِ ڪورٽس جي مستقل چيف جسٽسز لاءِ نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي

Photo_27724

جوڊيشل ڪميشن، اسلام آباد، سنڌ، بلوچستان ۽ پشاور هاءِ ڪورٽس جي مستقل چيف جسٽسز لاءِ نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جوڊيشل ڪميشن جي چيئرمين چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اجلاس جي صدارت ڪئي، ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس لاءِ جسٽس جنيد غفار جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي، پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس عتيق شاهه ۽ جسٽس روزي خان کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جوڊيشل ڪميشن جسٽس سرفراز ڊوگر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو مستقل چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *