نئين ديري ڀرسان 2 عورتون گهر مان چوري ڪندي پڪڙجي پيون
نئون ديرو ( رپورٽر ) نئين ديري ڀرسان 2 عورتون گهر مان چوري ڪندي پڪڙجي پيون، ڳڙهي خدا بخش ٿاڻي جي حد ڳوٺ خانواهه ۾ اڻڄاتل عورتون گهر ۾ زبردستي داخل ٿي سامان چوري ڪري رهيون هيون ته گهرڀاتين کين سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو، گرفتار عورتن جو تعلق جيڪب آباد ضلعي سان ٻڌايو پيو وڃي
