شڪارپور: بدامني خلاف احتجاج ڪرڻ ڳوٺاڻن کي مهانگو پئجي ويو، ڪيس داخل
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) ڳڙھي ياسين ۾ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل جي واپسي نه ٿيڻ ۽ امن امان جو صورتحال خراب هئڻ خلاف احتجاج ڪندڙن 11 سڃاتل ۽ 30 اڻ سڃاتل شھرين ۽ واپارين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو
ڳڙھي ياسين شھر مان 5 ڏينهن اڳ شهري عتيق جيهو کان موٽرسائيڪل ڦر ٿي هئي جنهن جي واپسي نه ٿيڻ ۽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جيها برادري پاران کيرٿر ڪئنال جي پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو هو
جنهن بعد ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين هدايت نندواڻي ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي جوابدار مولابخش جيهو، خليل پٺاڻ، عتيق جيهو، شيراز جيهو ۽ ٻين 11 سڃاتلن ۽ 30 نامعلوم جوابدارن خلاف ناحق انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪرڻ، ماڻھن سان بدتميزي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.
