ڪشمور: کوسا هائوس تي مير اسرار خان کوسو جو شاندار استقبال
ڪشمور ( رپورٽ: نديم ملڪ ) مير اسرار کوسو کي سکر جيل کان سوين گاڏين جي قافلي سان ريلي جي صورت ۾ گڊو انٽر چينج تائين آندو ويو، گڊو ۽ ڪشمور جي عوام پاران مٿس گل نڇاور، مير اسرار کوسو جي رهائشگاهه تي همدردن پاران سندس جو شاندار استقبال
جيل مان آزادي ملڻ بعد مير اسرار خان کوسو پنهجي والد جي آخري آرامگاهه تي پهتو، فاتحه خواني ڪري دعا گهري، مير اسرار احمد کوسو ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته آئون سردار شمشير خان مزاري جو ٿورائتو آهيان جنهن اسان ڀائرن ۾ ويڇا دور ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، سندس جو ٿورو زندگي ڀر لاهي نه سگهندس
