ميهڙ: ڳوٺ ٻٽ سرائي ۾ ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 3 ڄڻا زخمي
ميهڙ ( رپورٽ: ساحل ارشاد سومرو ) ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻٽ سرائي ۾ ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ھڪ ڌر جو ھڪ نظير ڀنڊ ۽ ٻي ڌر جا ٻه ڄڻا حسين ڀنڊ ۽ ساجد ڀنڊ شامل آھن زخمين کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو جڏھن ته ٻنهي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان حملي جا الزام ھنيا آهن، ٻنھي ڌرين جي ٿرڙي محبت ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪئي وئي آھي
