سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني برسات، 2 نينگر فوت 15 کان وڌيڪ زخمي
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) حيدرآباد، ڪوٽڙي، ٿاڻو بولا خان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برسات، گهر جي ڀِت ۽ سولر پليٽون ڪِرڻ سبب 2 نينگر فوت، ٻِن عورتن سميت 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي
ڪوٽڙي گهر جي ڀِت ڪِرڻ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 15ورهين جو راشد چانڊيو ۽ 10 ورهين اياز کونهارو فوت، وڻ ۽ سولر پليٽون ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن آسيه ۽ زرينه سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٿاڻو بولا خان ۽ ڀرپاسي ۾ به سخت گرميءَ کانپوءِ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلڪي برسات، گرميءَ جو زور گهٽجي ويو، رهواسين ۾ سَرهائي.
