خيرپور ڀرسان بدامني خلاف خبرون ھلائڻ تان ايس ايڇ او احمدپور غفار قمبراڻي صحافي مٿان مڇرجي پيو
خيرپور (رپورٽ: زبير سومرو) احمدپور جي صحافي امام بخش چانڊيو مٿان ايس ايڇ او احمدپور غفار قمبراڻي ڏمرجي پيو، صحافي مٿان مبينا طور تشدد
متاثر صحافي امام بخش چانڊيو خيرپور ۾ صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته احمدپور ۾ بدامني، چورين ۽ ڌاڙن خلاف خبرون ھلائڻ تان ايس ايڇ او مون مٿان ڏمرجي پيو ۽ بلاجواز تشدد ڪري ڪپڙا ليڙون ليڙ ڪري ڇڏيا آهن
ھن الزام هنيو ته ايس ايڇ او مون کان موبائل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ سان گڏ مون کي ڏوهارين جيان موبائل ۾ کڻي ٿاڻي اندر لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ ڪجهه ڪلاڪن بعد صحافين جي مداخلت تي آزاد ڪيو ويو
ھن چيو ته مظلوم ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائڻ ۽ هر نوعيت جي خبر پنهنجي اداري تائين پهچائڻ اسان جو صحافتي ڪم آهي جيڪو پوليس کي پسند نه پيو اچي
