ڪشمور ۾ ڦر جون ٻه ڌار ڌار وارداتون، خانگي ڪمپني جو گارڊ قتل، هڪ ڄڻو زخمي
ڪشمور (رپورٽ: نديم ملڪ) مانگهر ڦاٽڪ لڳ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ٽي سي ايس ڪمپني جي گاڏي تي فائرنگ ڪري رقم ۽ موبائلون ڦر ڪيون
ٻي واردات چاچڙ پل لڳ پيش آئي جتي ٽن موٽرسائيڪل تي سوار 6 هٿياربندن ڪوڪا ڪولا بوتلون سپلائي ڪندڙ گاڏي کي روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئسا نه ڏيڻ تان هٿياربندن فائرنگ ڪري گارڊ يار محمد مزاري کي قتل ڪري ڇڏيو
زخمي ۽ فوتي نوجوان کي تعلقه اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو جتي زخمي جو علاج هلندڙ آهي ۽ مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
