ميرپورماٿيلو: بجلي ٺاهيندي لائين مين بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

WhatsApp Image 2025-05-22 at 22.35.52_a8c0ace0

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) واپڊا ملازم سائيڏنو  ڪلوڙ ڳوٺ صديق ڪلوڙ جو رھواسي آهي جيڪو ميرپورماٿيلو شھر ۾ ماٿيلي چوڪ وٽ ٽرانسفار جو مرمتي ڪم ڪري رھيو هو ته کيس اوچتو بجلي جو ڪرنٽ لڳو جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو

اهڙي واقعي بعد شھرين انتظاميه کي اطلاع ڪيو اطلاع تي سيپڪو عملدارن فوتي جو مڙهه کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو

اسپتال عملي پاران ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو

فوتي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي اندر سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *