غزه تي دهشتگرد اسرائيل جي جارحيت جاري، حملن ۾ وڌيڪ 73 فلسطيني شهيد

taza tareen - Copy

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) دهشتگرد اسرائيل جي هوائي حملن ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سوڌو وڌيڪ 73 ڄڻا شهيد ٿي ويا، غزه جي سول ڊفينس ايجنسي جي ترجمان محمود بصل موجب وقت تائين 73 ماڻهن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

هن ٻڌايو ته غزه شهر ۾ هڪ اسڪول تي حملي ۾ 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا، اهو اسڪول پناهه وٺندڙن جو عارضي ٺڪاڻو هو، مرڪزي علائقي ديرالبلح ۾ هڪ گهر تي بمباري سان 12 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن

اهڙي ريت نصيرات ڪيمپ ويجهو هڪ پيٽرول پمپ تي حملي ۾ 15 ماڻهو شهيد ٿيا، جڏهن ته جباليه پناهگير ڪيمپ تي حملي ۾ 9 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.

ٻئي طرف دهشتگرد اسرائيلي فوج طرفان انهن حملن تي اڃا سوڌو ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو، غزه ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي، هزارين ماڻهو بي گهر، زخمي ۽ خوف ۾ ورتل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *