ڏهرڪي: پ پ ايم اين اي جي هدايت تي يوسي سيدپور ۾ ترقياتي اسڪيمن جا سروي ڪيا ويا
ڏهرڪي ( رپورٽر ) پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ سندس فرزند سردارزاده مير سردار خان لنڊ جي هدايت تي لنڊ گروپ ڏهرڪي ترجمان ڊاڪٽر انعام لنڊ يوسي سيدپور جي چيئرمين مشتاق خان رهڙ سان گڏجي يوسي سيدپور جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي اسڪيمن جا سروي ڪيا ويا
سيدپور شريف جي امام بارگاهه لاءِ ٽف ٽائلز جي اسڪيم جو سروي ڪيو ويو، ڳوٺ الهه ڏنو ميتلو ۾ ٽف ٽائلز ۽ ڊرينيج سسٽم جي اسڪيم منظور ڪئي وئي جنهن تي لاڳاپيل انتظاميه سان گڏجي سروي ڪيو ويو، ڳوٺ پنهون خان ڪورائي لاءِ ٽف ٽائلز اسڪيم ۽ سيوريج سسٽم جي اسڪيم منظور ڪئي وئي، ڳوٺ بالو خان دامڻو ۾ پڻ ٽف ٽائلز جي اسڪيم ۽ سيوريج جو سروي ڪيو ويو
هوڏانهن ٻئي طرف لنڊ گروپ ترجمان ڊاڪٽر انعام لنڊ ۽ يوسي سيدپور جي چيئرمين مشتاق خان رهڙ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ابراهيم شر لاءِ سولر پليٽون ۽ پنکا ڏنا جنهن تي اسڪولي شاگردن ۽ استادن آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته اسڪيمن جي سوري دوران ڳوٺاڻن آيل معزز مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا
ڳوٺاڻن چيو ته اسين پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ سندس شهزادي سردار خان لنڊ جا شڪرگذار آهيون جن اسان جي علائقن ۾ ترقياتي اسڪيمن تي سروي ڪرايا آهن جن تي ڪم پڻ تمام جلد شروع ٿيندو
ٻئي طرف لنڊ گروپ ترجمان ڊاڪٽر انعام لنڊ ڳالهائيندي چيو ته پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ جي هدايتن تي اڄ يوسي سيدپور شريف جي مختلف ڳوٺن ۾ ترقياتي اسڪيمن جا سروي ڪيا آهن جن تي تمام جلد معياري ڪم شروع ڪرايو ويندو، هن چيو ته لنڊ گروپ هميشه پنهنجي علائقي جي عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون آهن، جڏهن ته مختلف هنڌن جي دورن دوران گلزار آرائين، ممتاز چنا ۽ صحافي آصف شر ۽ ٻيا موجود هئا
