پاڪستان ۾ عيدالضحيٰ 7 جون ڇنڇر تي ملهائي ويندي: فلڪيات جو ماهر
( ويب ڊيسڪ ) فلڪياتي ماهرن پاڪستان ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، فلڪياتي ڊاڪٽر فهيم هاشمي جو چوڻ آهي ته 27 مئي تي پاڪستان ۾ چنڊ نظر اچڻ جو امڪان گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته 27 مئي تي سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر 11 ڪلاڪ هوندي
فلڪياتي ماهرن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ذوالحج جو چنڊ 28 مئي تي نظر ايندو، تنهن ڪري پڪو امڪان آهي ته پاڪستان ۾ عيد الاضحيٰ ڇنڇر 7 جون تي ملهائي ويندي، فلڪياتي ماهر فهيم هاشمي وڌيڪ چيو ته 28 مئي تي چنڊ جي عمر 35 ڪلاڪن کان وڌيڪ هوندي.
