دريا خان مري: باءِ پاس تي ٻن موٽرسائڪلن ۾ ٽڪر 4 ڄڻا زخمي
دريا خان مري ( رپورٽ: مهرالدين خاصخيلي ) شادي حال ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو، روڊ حادثي ۾4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شھباز آرائين، وقار خاصخيلي، اياز خاصخيلي ۽ احسان مغل شامل آهن
زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري منتقل ڪيو ويو، ٻن زخمين شهباز آرائين ۽ وقار خاصخيلي جي حالت نازڪ هئڻ تي کين نوابشاهه ريفر ڪيو ويو
