سنڌ ۾ سخت گرميءَ بعد ڪٿي هلڪو وسڪارو ته ڪٿي مٽي جو طوفان

Photo_27230

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) بل بورڊز، سولر پليٽون ۽ ڇپرا اڏامي ويا وڻ به ڀڄي پيا، ٺٽو، مڪلي، جهمپير سوڌو ساحلي پٽي ۾ مٽيءَ جو طوفان، بلڙي شاهه ڪريم، پليجاڻي، جهوڪ شريف سميت ٻين شهرن ۾ وسڪارو، مٽياري، هالا، ڀاڻوٺ، ميرپورماٿيلو ۽ ڀرپاسي ۾ وسڪارو، تفريحي ماڳ گورک اسٽيشن، واهي پانڌي سوڌو ڪاڇي ۾ به برسات بعد موسم خوشگوار

موسميات کاتي پاران اڄ به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو امڪان ظاهر، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد سميت ننڍن شهرن ۾ وسڪارا پئجي سگهن ٿا، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ وچولي درجي جي وسڪارن جا امڪان، موسميات کاتي پاران سومر تي ڄامشورو، سکر، قمبر، دادو، شهدادڪوٽ ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *