وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪ سفير جي ملاقات، پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پهلگام واقعي بعد ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ ڪاررواين باوجود پاڪستان جو رد عمل ذميواراڻو رهيو آهي، ڀارت پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ بابت ڪنهن به قسم جا ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ڀارت واقعي جون حقيقتون وائکيون ڪرڻ لاءِ شفاف ۽ غيرجانبداراڻي عالمي جاچ بابت پاڪستان جي آڇ جو جواب ڏئي، وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪ سفير ملاقات ڪئي، پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا، ترڪ سفير وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ته ترڪيه پاڪستان جي موقف جو حامي آهي، ترڪ سفير جو پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار، خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ صبر کان ڪم وٺڻ تي زور
