ڏهرڪي ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي مختلف تنظيمن پاران شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش جلسو

WhatsApp Image 2025-05-01 at 13.36.37_16b162b5

ڏهرڪي ( رپورٽ: وسيم اڪرم ڀٽو ) مھراڻ ليبر فيڊريشن پاڪستان مرڪز ۽ اينگرو فرٽيلائزر پي ايم اينڊ ايس ٽو، اينگرو فرٽيلائزر پي ايم اينڊ ايس ٿري، اينگرو فرٽيلائزر آف سائيٽ يونين، ايريگيشن  ٽريڊ يونين گھوٽڪي ايمپلائز يونين سي بي اي ٽائون ڪميٽي ڏھرڪي، ريڻي ڪئنال يونين سميت سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اينگرو ڪمپني جي مک لوڊنگ گيٽ آڏو عظيم شان جلسي جو پروگرام ڪوٺايو ويو، جلسي ۾سون جي تعداد ۾ مزدورن شرڪت ڪئي آهي

پروگرام ۾ مھراڻ ليبر فيڊريشن جي مرڪزي صدر عبدالرحيم ڀارو، راحب علي سميجو، بدرالدين پنھيار، عالم سميجو، رضوان ڀٽو ۽ ٻين نيوز نائو ايڇ ڊي سان ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪو مزدورن جي عالمي ۽ تاريخي جدوجهد کي ياد ڪرڻ لاءِ ملهايو وڃي، 1886 ۾ اسان جي حقن خاطر ان وقت جي مزدورن آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ مزدورن خاطر عظيم قرباني ڏني هئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *