پي ايس ايل 10 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي لاهور قلندرز هٿان 88 رنسن تان پهرين شڪست

402736_1946053_updates

( اسپورٽس نيوز ) لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پهرين بيٽنگ ڪندي لاهور قلندرز مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 209 رنسون ٺاهيون.

لاهور قلندرز طرفان فخر زمان 44، سڪندر رضا 39 ۽ ڊيرل مچل 28 رنسون ٺاهيون. ان کان علاوه محمد نعيم 25 ۽ عبدالله شفيق 22 رنز اسڪور ڪيا، جڏهن ته سام بلنگز 38 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو

اسلام آباد يونائيٽيڊ پاران عماد وسيم ۽ جيسن هولڊر ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون،210 رنسن جي هدف جي جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم 121 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

لاهور قلندرز پاران حارث رئوف 4 ۽ سڪندر رضا 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، پي ايس ايل 10 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي پهرين شڪست آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *