ڀارت پاڪستاني پروازن لاءِ هوائي حدون معطل ڪري ڇڏيون
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڀارتي حڪومت پاڪستان لاءِ پروازن جي بندش جو نوٽيفيڪشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفيڪشن مطابق ڀارتي هوائي حدون اڄ کان 23 مئي تائين سڀني پاڪستاني جهازن لاءِ بند رهنديون.
پاڪستان هندستاني هوائي جهازن لاءِ پنهنجون هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون هيون جڏهن ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ پهلگام حملي کي جواز بڻايو ويو هو.
پاڪستان جي هوائي حدن جي اوچتو بندش سبب هندستاني هوائي ڪمپنيون هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي رهيون آهن.
